پي ٽي آءِ پاران ڪئنالز خلاف قومي اسيمبلي ۾ قرارداد جمع

پي ٽي آءِ پاران ڪئنالز خلاف قومي اسيمبلي ۾ قرارداد جمع

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ سنڌو درياءَ تي ڪئنال ڪڍڻ خلاف قومي اسيمبلي ۾ قرارداد جمع ڪرائيندي پ پ، ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي کان حمايت وٺڻ جو به اعلان ڪري ڇڏيو آهي.اپوزيشن اڳواڻ عمر ايوب طرفان زرتاج گل، احمد چٺه ۽ علي محمد خان قرارداد جمع ڪرائي، زرتاج گل چيو ته سنڌ ۾ نوان ڪئنال ڪڍڻ تي بيچيني ڇانيل آهي، گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس گهرائڻ کان سواءِ اهڙا حساس فيصلا ڪيا پيا وڃن. علي محمد خان مطالبو ڪيو ته پ پ ڪئنالن جي خلاف آهي ته پي ٽي آءِ جي قرارداد جي حمايت ڪري.صحافين سان ڳالهيون ڪندي زرتاج گل چيو ته قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سڀاڻي ئي سنڌو درياءَ تي ڪئنال ڪڍڻ خلاف جمع ڪرايل قرارداد کي بحث جي لاءِ مقرر ڪري ۽ ايوان ۾ سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ جي قرارداد تي کليل بحث ڪرائي وڃي، فوري طور تي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس گهرايو وڃي. صحافي طرفان سوال ڪيو ويو ته هڪ طرف اوهان آصف علي زرداري تي سنڌ جو پاڻي وڪرو ڪرڻ جو الزام لڳايو ٿا ته ٻئي طرف پنهنجي قرارداد تي ساڳئي پارٽي جي حمايت گهري رهيا آهيو، جنهن تي علي محمد خان جوابي سوال ڪيو ته اوهان خبر ته وٺو ته آصف علي زرداري بيمار ڇو ٿيو، ايوان صدر ۾ ڪئنالن تي ٿيل اجلاس جي صدارت آصف زرداري ناهي ڪئي ته پوءِ سنڌ جو پاڻي ڪنهن وڪرو ڪيو؟ جيڪڏهن آصف علي زرداري ئي پاڪستان جو صدر آهي ۽ انهي ئي ڪئنالن جي منظوري واري اجلاس جي صدارت ڪئي هئي ته پوءِ اهوئي ذميوار آهي.علي محمد خان چيو ته پي ٽي آءِ کي فارم 45 جو رزلٽ ڏنو وڃي ها ته سنڌ ۾ به اڄ پي ٽي آءِ جي حڪومت هجي ها، پي ٽي آءِ ڪئنالن جي مسئلي تي سنڌ جي عوام سان گڏ بيٺل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو