پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر محمد علي سيف چيو آهي ته وڏو وزير علي امين گنڊاپور معدنيات جي شعبي کي مافيا جي چنگل مان آزاد ڪرائڻ چاهي ٿو، هن وڌيڪ چيو ته مافيا مائنز اينڊ منرلز ايڪٽ ۾ تجويز ڪيل ترميمن خلاف سرگرم آهي.بئريسٽر سيو پنهنجي بيان ۾ چيو ته مافيا وڏي وزير جي سڌاري جي ايجنڊا کي سبوتاژ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. جيڪڏهن اهي وفاقي حڪومت کي تسليم نٿا ڪن ته پوءِ اهي صوبائي اختيار وفاق کي ڪيئن ڏئي سگهن ٿا؟هن چيو ته ڪي پي جي وڏي وزير جو واضح موقف آهي ته مافيا گوڏا نه ٽيڪندي.بئريسٽر سيف جو چوڻ آهي ته مائنز اينڊ منرلز ايڪٽ ۾ تجويز ڪيل ترميمون ڪا ڳجهي ڳالهه ناهي، تجويز ڪيل ترميمن جو مقصد معدنيات جي شعبي کي مضبوط ۽ منافعي بخش بڻائڻ آهي.هن اهو به چيو آهي ته ترميمن تي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي راءِ به ورتي ويندي.










