گل سما جي موت جي حقيقت، ڪڏهن، ڪيئن ۽ ڇا ڇا ٿيو؟

ڊرگهه بالا(رپورٽ اسماعيل لانگاهه)21 نومبر تي شام جو ڪاڇي جي جابلو علائقي شاه مڪان ۾ رهائش پذير رند برادري جي هڪ خاندان جي نينگري جنهن جي عمر سوشل ميڊيا نيٽ ورڪ مطابق 10/9  سال ٻُڌائي پئي وئي ۽ سندس نالو گل سما هو ، کي والدين ُڪجھ  بااثر ماڻھن پاران ڪارنهن جو ڪُڌو الزام مڙھي سنگسار ڪري پٿرمٿي ۾ ھڻي بيدردي سان قتل ڪيو جنهن جي جنازي نماز واهي پانڌي واسي مولوي معرفت پڙھائي وئي جيڪو هيئنر جنازي نماز پڙھائڻ ۽ نينگري جي قتل جي تحقيقات ۾ گرفتار ٿيل آهي. نينگري جي والدهه کي پوليس آزاد ڪيو آهي پر ٻيا اڃا گرفتار آهن.  نينگري جي گمنام قتل جي خبر سوشل ميڊيا تي باھ جيان پکڙجي وئي واقعا ته پوري سنڌ اندر ٿي رهيا آهن ڪارنهن الزامن ۾ نياڻين جي قتل جي هيئنر سمجهجي کڻي ته هڪ رسم ٿي وئي آهي ڇو ته اهڙي هنڌ تي ٿيل واقعو اگر ٿيو به هجي ته انکي ميڊيا تائين پهچائيندڙ ڪو پڪو گواھ ته ضرور هوندو جنهن اهڙي افسوسناڪ سانحي جي لڪل خبر کي ٻرندي تي تيل هارڻ جيان پکيڙڻ جو ڪم ڪيو ,خير هيئنر ان واقعي جي خبر  واهي پانڌي کان واشنگٽن تائين وڃي پهتي آهي پر اهو به ضرور ڌيان ۾ رکجي هن واقعي کي  ڪوڙ يا سچ ثابت ڪرڻ جو سڄو دارومدار ميڊيڪل انويسٽيگيشن ٽيم تي هوندو.

جيڪي به واقعا يا سانحه سياست جي ور چاڙهيا ويا آهن جو مُک ڪارڻ تلاش ڪرڻ انتهائي ڏکيو ٿي پوندو آهي ڪارنهن الزام هيٺ آيل گل سمان ڪا يونيورسٽي يا ڪنهن اداري جي اعلي آفيسر جي پڙھيل لکيل پيار ۽ پاٻوه سان پاليل نياڻي نه هئي بلڪ هي ان معاشري ۽ شعور کان وانجهيل جبلن ۽ جهنگلن ۾ جانورن واري زندگي گذاريندڙ خاندان  ۾ جنم وٺندڙ هڪ نياڻي هئي جيڪا اڃا ٻار وتڻ جي موسم ۾ پنهنجي زندگي جي سفر جو آغاز ڪيو جنهن جي موت جي ڀيانڪ خبر باھ جيان پکڙجي وئي ته نياڻي کي سنگسار ڪري ڪارنهن تهمت هڻي بيدردي سان قتل ڪيو ويو اهو واقعو 21 نومبر تي جابلو علائقي شاهي مڪان ۾ رهندڙ رند قبيلي جي گل سما جيڪا 9 کان ڏھ ورهين جي ٻُڌائي پئي وئي جنهن کي والدين پاران پنهنجي قبيلي جي ماڻھن علي نواز رند، سميع رند ۽ چئن ماڻھن سان ملي ڀڳت  ڪري ماريو، جنهن جي ڪفن خريد ڪرڻ لاء تاج محمد رستماڻي نالي شخص کي واهي پانڌي اماڻيو ويو، جنهن ممتاز لغاري نالي مولوي کي ساڻ  ڪري 22 تاريخ نينگري جو جنازو پڙهائڻ بعد لالڙي لڪ قبرستان ۾ سپرد خاڪ ڪيو  ويو.  نينگري گلُ سما ڌي علي بخش رند کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪرڻ واري انڪشاف جي خبر  جي سوشل ميڊيا اندر ٻريل باهه کان پوء ايس ايس پي دادو پاڻ مرادو نوٽيس ورتو پوليس رياستي  مدعيت  ۾ اي ايس آءِ غلام قادر گوپانگ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري نينگري جي والدين ۽ مولوي کي گرفتار ڪري ورتو جنهن کان پوء ڊي ايس پي جوهي بشير احمد چانڊيو  کي واهي پانڌي ٿاڻي تي موڪليو ويو جنهن جنازو پڙهائيندڙ مولوي کي قبر ڏيکارڻ لاءِ ساڻ ڪري ان جاءِ پهچي مولوي ۽ نينگري جي وارثن جا ويڊيو بيان ورتا. جتي والدين بيان ڏيندي چيو ته اسان جي ڌيءَ ٻارن سان جبل جي هيٺيان راند کيڏي رهي هئي ته مٿان وڏو پٿر ڪريو جيڪو گل سما جي مٿي ۾ لڳو دٻجي ٿڏي تي فوت ٿي وئي پٿر ڪرڻ ۾ موت واري سبب ڪيترائي شڪ پيدا ڪري ڇڏيا نينگري جنهن کي والدين پاران  معصوم ڄاڻايو ويو بلڪل بچپن جي  زندگي صرف کيڏڻ ۽ ڪُڏڻ جي هوندي آهي ۽ جڏهن به ٻاروتڻ ۾ راند ڪئي ويندي آهي ته ان ۾ ڪُجھه ٻيا ٻار به ضرور شامل هوندا آهن تڏهن وڃي راند مزو ڪندي آهي ۽ هن قتل جي ماجرا کي پٿر مٿان لڳڻ جو رنگ ڏنو پيو وڃي ته کيڏڻ  دوران ڪريل پٿر سان نينگري جو هيٺيان اچڻ تي ڀرسان ويٺل ٻارڙن ته دانهون به ضرور ڪيون هونديون جنهن سان گڏ گل سما راند ۾ مصروف هئي, پر جبلن ۾ شيهي جيان ڄميل پٿر آخر ڪريو ڪيئن پر ميڊيا وسيلي موت کي ڪارنهن سان جوڙيو ويو ۽ معاملو  اعلي سطحي جاچ جڙڻ تائين وڃي پهتو . صوبائي سطح کان قومي اسيمبلي اندر آواز اٿاريو ويو جنهن کان پوء پوليس پنهنجو موقف ڏيندي چيو آهي ته هن معاملي جي رپورٽ ايس ايس پي دادو ۽ ڪورٽ کي موڪلي ويندي جنهن کان پوء قبرڪشائي ڪري سموري صوتحال جو ٻڌائي سگهبو ته معاملو قتل جو آهي يا حادثو ٿيو آهي ۽ ان حادثي جي حقيقت پڌري ڪرڻ لاء اختيارين مٿان سول سوسائٽي ۽ انساني حقوق تنظيمن جو  دٻاءُ وڌي وڃڻ  کانپوءِ  ڊي آءِ جي حيدرآباد نعيم شيخ ۽ ڪمشنر حيدرآباد عباس بلوچ علائقي جو دورو به ڪيو.

نيٺ عدالتي جاچ لاء سول جج جوهي تعلقي آغا عمران پٺاڻ سيشن جج دادو جي حڪم تحت ميڊيڪل ٽيم جوڙي  وئي جنهن لاء نينگري جي قبرڪُشائي لاء ٽيم جو چيئرمين سيد قربان علي شاه, پوليس سرجن ڊاڪٽر بنسي دار,ڊاڪٽر وحيد احمد, ۽ ڊاڪٽرياڻي نصرت ضياءُ تي مشتمل ٽيم قبرڪُشائي وسيلي جيڪا رپورٽ ڏني تنهن ڪيترن ئي افواهن کي في الحال دفن ڪري ڇڏيو آهي پر ميڊيڪل ٽيم وٽان مليل رپورٽ کي ڪنفرم نٿو چئي سگهجي ڇو ته حتمي رپورٽ لاء ٽن چئن ڏينهن جو ٽائم فريم به ڏنو ويو آهي خدانخواسته جيڪڏهن واقعي ان نينگري جو موت ازخود ڪريل پٿر لڳڻ سان ٿيو ته هن واقعي کي مختلف رنگ ڍنگ ڏيڻ ۽ بيگناھ والدين ۽ گرفتار ٿيل ٻين ماڻھن کي ٽارچر ڪرڻ جو ازالو ڪير ڪندو؟ آخر اهڙن واقعن کي هاءِ لائيٽ ڪرڻ کان پهرين انهن جي هيٺين سطح تائين جاچ ڪئي وڃي ۽ بغير ڪنهن ثبوتن جي بيقصور ماڻھن جو عزتون ۽ وقار داغدار نه بڻايا وڃن. گرفتاري کان پهرين گل سما جي والده جي ريهن ۽ دانهن جو به درمان ٿيڻ گهرجي پر اسان ۾ نه هيئنر ماءُ جي ممتا رهي آهي نه پيءُ جو پيار. خير گل سما جيڪڏهن اڃا معاشري جي انهن ظالم قائدن ۽ قانونن کان اڃا واقف ئي نٿي ته پوء انکي ايڏي ناانصافي جي ڪاري قانون جو شڪار ڇو بڻايو ويو, بس هُن جو شايد هڪڙو ئي ڏوھ هو ته هن درندن جي ديس ۾ جنم ورتو هاڻي هو ته وڃي حقيقي حقدار سان وڃي ملي پوء هاڻي ڪيتريون به حقيقتون سامهون آنديون وڃن پر هوءَ ته معصوم ويچاري واپس ڪون ايندي.

پهنجو تبصرو موڪليو