ڊيرا بگٽي (ويب ڊيسڪ)جمھوري وطن پارٽي جي اڳواڻ نوابزاده گهرام بگٽي کي حراست ۾ ورتو ويو.پوليس موجب گهرام بگٽي کي بگٽي هائوس ڊيرا بگٽي مان حراست ۾ ورتو ويو.ايس ايس پي ڊيرا بگٽي جو چوڻ آهي ته گهرام بگٽي کي 30 ڏينهن لاءِ جيل منتقل ڪيو ويندو. ياد رهي ته نوابزاده گورام بگٽي اڄ بلوچستان حڪومت خلاف لانگ مارچ جو اعلان ڪيو هو.










