ڄام خان شورو ۽ ٻين جي ضمانت ۾ 28 جنوري تائين واڌ

ڄام خان شورو ۽ ٻين جي ضمانت ۾ 28 جنوري تائين واڌ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ  سرڪاري ايراضي جي غير قانوني الاٽمينٽ ۽ غير قانوني اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس ۾ مڪاني ادارن واري اڳوڻي صوبائي وزير  ڄام خان شورو سميت 14 جوابدارن جي ضمانت ۾ 28 جنوري تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. عدالت نيب کي هدايت ڪئي ته سندن خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ بابت پراگريس رپورٽ پيش ڪئي وڃي. عدالت اهڙو حڪم اربع تي ڄام خان شورو، محمد بچل، اصغر ميمڻ، محمد حسين، امتياز علي، شاهنواز سومرو، فدا حسين، سبحان علي، عبدالمالڪ کتري، محمد انور، ذيشان قريشي ۽ اختر علي پاران داخل ڪيل ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. ٻڌڻي دوران عدالت نيب جي جاچ ٽيم کان پڇيو ته جوابدارن خلاف جاچ ڪٿي پهتي جنهن تي نيب جي نمائندي ٻڌايو ته جاچ مڪمل ڪري ريفرنس منظوري لاءِ هيڊ ڪوارٽر اسلام آباد موڪليو ويو آهي جيستائين نيب هيڊ ڪوارٽر مان جواب اچي تيستائين مهلت ڏني وڃي. ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيورٽر عدالت کي ٻڌايو ته ڄام خان شورو ۽ ٻين غير قانوني طور تي حيدرآباد ۾ سي اين جي اسٽيشن لاءِ زمين الاٽ ڪئي، جنهن جا ثبوت به نيب حاصل ڪري ورتا آهن، ڄام خان شورو خلاف زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ جي جاچ ڪراچي ۾ به ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو