سنگسار ڪيل نياڻي جي قبر ڪشائي، جزا ورتا ويا

سنگسار ڪيل نياڻي جي قبر ڪشائي، جزا ورتا ويا

دادو /واهي پانڌي /ڊرگھه بالا (نمائندن وٽان) مبينه طور سنگسار ڪيل نياڻي گل سماع رند جي عدالتي حڪم تي قبر ڪشائي لاءِ ميڊيڪل ٽيم فرسٽ سول جج آغا عمران پٺاڻ ۽ ڊي ايس پي پيرل چانڊيو جي نگراني ۾ واقعي واري هنڌ ڪارو ڪوٽ لالڙي پهتي جتي ناري جي جسم جا جزا ورتا ويا. ان موقعي تي ميڊيڪل ٽيم جو چوڻ هو ته اسان جزا ورتا آهن ميڊيڪل رپورٽ اچڻ بعد موت جو ڪارڻ معلوم ٿيندو.جڏهن ته هن مهل تائين ناري جي موت وارو واقعو ڳهجارت بڻيل آهي. گذريل ڏينهن ڊي آءِ جي حيدرآباد نعيم شيخ ۽ ڪمشنر عباس بلوچ علائقي جو دورو ڪري عام ماڻهن سان ملي معلومات ورتي هئي. ذريعن موجب ڊي سي دادو پاران موڪليل ابتدائي رپورٽ رد ڪندي اعليٰ آفيسرن مداخلت ڪئي ۽ معاملي جو نوٽيس ورتو هو. ايس ايس پي واقعي جو ڪيس داخل ٿيڻ بعد موڪل تي هليو ويو هو. ذريعن موجب ايس ايس پي بنا اجازت ڪيس داخل ٿيڻ تي ڪاوڙجي موڪل تي ويو هو. ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ڪمشنر جي اچڻ جي خبر پوڻ ڪري شهري وڏي تعداد ۾ واهي پانڌي ٿاڻي ٻاهريان پهتا جتي ڊي آءِ جي حيدرآباد پاران شهرين سان ملڻ لاء ٻاهر نڪري آيو. شهرين کان گل سما واقعي بابت پڇا ڪئي ۽ عوامي رد عمل کي ڏسندي ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ڪمشنر شهرين سان ڳالهائيندي چيو ته نينگري گل سماء صرف توهان جي نه اسان جي به نياڻي آهي اسان هن معاملي کي شفاف ۽ اڻ ڌري طريقي سان ڏسي رهيا آهيون.ياد رهي ته پنج ڏينهن پهرين واهي پانڌي ويجهو جابلو پٽي ۾ رهائش  پذير رند برادري ۾ نياڻي  کي سنگسار ڪرڻ واري واقعي کانپوء اعلي سطحي جاچ جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو