ملڪ رياض سيٽلمينٽ لاءِ 19 ڪروڙ پائونڊ برطانيه کي ڏيڻ تي راضي

لنڊن (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ بحريه ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض منجمند ڪيل اڪائونٽس واري ڪيس جي سيٽلمينٽ لاءِ برطانيا جي نيشنل ڪرائيم ايجنسي کي 19 ڪروڙ پائونڊ ڏيڻ تي رضامند ٿي ويو آهي. اها رقم برطانيا پاڪستان کي واپس ڪندو. عمران خان حڪومت هن معاملي کي ڀرپور ڪيش ڪرائيندو ته هن لٽيل پرڏيهي دولت واپس آڻڻ جو واعدو پورو ڪري ڇڏيو.  ملڪ رياض منجمند ڪيل اڪائونٽس ۾ رکيل رقم ۽ لنڊن ۾ 5 ڪروڙ پائونڊ ماليت جو گهر به نيشنل ڪرائيم ايجنسي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

هائيڊ پارڪ نمبر 1، جو گهر جيڪو ملڪ رياض برطانيا حوالي ڪيو آهي ان بابت صحافي علي سلمان پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو آهي ته  هائيڊ پارڪ 1، پاناما پيپرز جي اسڪينڊل سامهون اچڻ بعد حسن نواز ملڪ رياض کي وڪرو ڪيو هو.

برطانيا جي نيشنل ڪرائيم ايجنسي موجب هنن هلندڙ سال آگسٽ ۾ ويسٽ منسٽر مئجسٽريٽ کان ملڪ رياض ۽ سندس خاندان جا 8 اڪائونٽ منجمند ڪرڻ جو حڪم ورتو هو. هنن اڪائونٽس ۾ 12 ڪروڙ پائونڊ جمع هئا. ان کان اڳ ۾ ڊسمبر 2018 ۾ به برطانوي ايجنسي 2 ڪروڙ پائونڊ وارو اڪائونٽ به منجمند ڪيو ويو هو. ياد رهي ته ڪلرڪ مان کرب پتي بڻجي ويل ملڪ رياض سنڌ ۾ زمينون قبضو ڪرڻ عيوض سپريم ڪورٽ مان ڪيس ختم ڪرڻ لاءِ 460 ارب روپين جي ادائگي جو واعدو ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو