ميرپورماٿيلو (ظھير وسير) گذريل ڏينهن پيار پرڻي لاءِ گهران نڪتل هندو ناري سمرن، پني عاقل جي نوجوان روي ڪمار سان خيرپور ميرس جي عدالت سڳوري ۾ پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف ناري جي پيءَ اجيت ڪمار جي فرياد تي نوجوان روي ڪمار سميت 5 ڄڻن مٿان ميرپور ماٿيلو پوليس اسٽيشن تي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته روي ڪمار، ڪندن لال، مھيش ڪمار، دليپ ۽ هڪ اڻڄاتل شخص گهر ۾ داخل ٿي زبردستي اسان جي نياڻي سمرن کي اغوا ڪري ويا آهن. هوڏانهن ناري سمرن ۽ روي ڪمار خير پور جي ڪورٽ ۾ پيار جو پرڻو ڪرڻ بعد اعليٰ اختيارن کي اپيل ڪئي آهي ته انهن پيار جو پرڻو ڪيو آهي ناري جا وارث ڪوڙا ڪيس داخل ڪري رهيا آهن. هنن اپيل ڪئي آهي ته سندس زندگي کي خطرو آهي کين تحفظ ڏنو وڃي.










