ٽريفڪ خلاف ورزين تي ڳرا ڏنڊ هڻڻ بابت نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر) وفاقي حڪومت موٽر وي ۽ نيشنل هاءِ ويز تي ٽريفڪ قانون جي خلاف ورزين جي ڏنڊ جي رقم ۾ 300 گنا کان به وڌيڪ اضافو ڪري ڇڏيو آهي. بنا لائيٽ رات جو سفر ڪندڙ تي 5000 روپيا ڏنڊ وڌو ويندو. ون وي جي خلاف ورزي تي 2500 روپيا، ممنوعه جاءِ تي اوور ٽيڪنگ تي ڪار ۽ موٽر سائيڪل تي 1500 ۽ هيوي کاڏي تي 3000 روپيا ڏنڊ وڌو ويندو. وفاقي حڪومت پاران جاري ڪيل گزيٽ نوٽيفڪيشن موجب ٽريفڪ خلاف ورزين کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. پهرين حصي ۾ ڊرائيونگ جي خلاف ورزين ۾ 50 نوعيت جا ڏنڊ آهن ۽ ٻئي حصي ۾ پارڪنگ سان لاڳاپيل ڏنڊ آهن جيڪي 15 نوعيت جا آهن. پيليو سگنل ٽوڙن تي 1000، ريڊ فليش تي 2000 ۽ ڳاڙهي لائيٽ ٽوڙڻ تي 5000 ڏنڊ وڌو ويندو. عام گاڏي کي رستو نه ڏيندڙ تي 1000 روپيا ۽ ايمرجنيسي گاڏي ايمبولينس، فائر برگيڊ وغيره کي رستو نه ڏيڻ تي 5000 روپيا ۽ مقرر حد کان وڌيڪ لوڊ کڻندڙ تي 10000 روپيا ڏنڊ وڌيو ويندو. روڪڻ جي اشاري تي نه بيهڻ واري تي 3000، بند ريلوي ڦاٽڪ ڪراس ڪرڻ تي 1000 روپيا، ٽريفڪ جي قطار ٽوڙڻ تي 1000، هيڊ لائيٽ ڊپ يعني گهٽ نه ڪرڻ تي 1000، ممنوعه جاءِ تي هارن وڄائڻ، پيدل ماڻهو کي رستو نه ڏيڻ، اسپيڊ گهٽ ڪرڻ جي سائن تي عمل نه ڪرڻ تي ٻه ٻه هزار ڏنڊ وڌيو ويندو. غير ذميوارانه ڊرائيونگ تي ڪار ۽ موٽر سائيڪل تي 1500 ۽ وڏين گاڏين تي 5000، بنا لائسنس ڪار ۽ موٽر سائيڪل هلائڻ تي 5000 ۽ هيوي گاڏي هلائيندڙ تي 10000 ڏنڊ وڌو ويندو. غير رجسٽرڊ ننڍي گاڏي هلائڻ تي 2000 ۽ هيوي گاڏي هلائڻ تي 5000، خطرناڪ انداز ۾ مسافر کڻڻ تي 5000، غلط پاسي کان ڪراسنگ تي 2500، گهڻو دونهون هڻندڙ ڪار تي 1250 ۽ وڏي گاڏي تي 5000، غير ضرور لين ۾ هلڻ ۽ غلط يو ٽرن وٺڻ تي ننڍي گاڏي تي 1000، وڏي گاڏي تي 2000، سائلنسر ڪڍي ڄاڻي واڻي وڏي آواز وارين گاڏين تي 750 کان 2000 تائين ڏنڊ وڌو ويندو. ڊرائيونگ دوران فون جي استعمال تي موٽر سائيڪل سوار تي 500 ڪار تي 1000 ۽ وڏي گاڏي تي 2000 ، بنا سيت بيلٽ تي ڪار تي 1500 ۽ وڏي گاڏي تي 3000، 5 سالن کان ننڍي عمر جي ٻار کي فرنت سيٽ تي ويهارڻ تي 5000، سائيڊ شيشي نه هجڻ تي 500، موٽر سائيڪل تي هڪ کان وڏيڪ ماڻهو کڻڻ تي 500، ون وهيلنگ تي 5000، ڇهين شيڊول ۾ شامل لوڊ لمٽ کان وڌيڪ لوڊ کڻڻ تي 3000 ڏنڊ ورتو ويندو. اسڪول بس کي رستو نه ڏيڻ ۽  هيلمٽ نه پائيندڙ موٽر سائيڪل سوار تي هزار هزار روپيا ڏنڊ لڳندو. ٻئي حصي جي ٽريفڪ خلاف ورزين ۾ سائيڊ واڪ واري جاءِ تي پارڪنگ ڪندڙ ، پارڪ ٿيل گاڏي ۾ اڌ ميٽر فاصلو نه رکندڙ، زيبرا ڪراسنگ تي پارڪنگ، اسٽاپ سائن کا 10 ميٽر اندر نه بيهندڙ، نو پارڪنگ زون ۾ گاڏي بيهارڻ، عمارت جي داخلا دروازي آڏو گاڏي بيهارڻ، پل يا بس اسٽاپ تي گاڏي بيهارڻ ۽ گرين بيلٽ ۾ پارڪنگ تي 750 روپيا ڏنڊ هوندو جڏهن تي فٽ پاٿ تي گاڏي بيهارن تي 1000 روپيا ڏنڊ وڌو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو