نااهل حڪمرانن هوندي ملڪ ترقي نه ڪندو؛ مولانا فضل الرحمٰن

سکر(امداد علي ڪلوڙ) جي يو آءِ اڳواڻ مولانا فضل الرحمٰن پ پ پ اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه جي رهائشگاهه تي پهتا جتي خورشيد شاهه جي پٽ ايم پي اي فرخ شاھ سندن استقبال ڪيو. ان موقعي تي مولانا فضل الرحمٰن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته موجوده حڪومت کي ملڪ ۾ حڪمراني ڪرڻ جو ڪو به حق ناھي موجوده حڪومت پاڻ ئي گھر ڀيڙو ٿئي نه ته ٻي صورت ۾ سندن برو حشر ٿيندو. هن چيو ته ملڪ ۾ نيون چونڊون ڪرايون وڃن چونڊن بابت گڏيل اپوزيشن جماعتون پڻ اسان سان موقف تي قائم آھن. ھن چيو ته جڏھن ملڪ ۾ نااھل حڪمرانن جي حڪمراني ھوندي ته ملڪ ترقي ڪيئن ڪندو ملڪ ۾ ريڪارڊ مھانگائي ٿي آھي اسان حڪومت خلاف ملڪ جي ھر شھرن ۾ تحريڪ شروع ڪنداسين. مولانا چيو ته اسان اھڙي نيب  کي نٿا مڃون جيڪا حڪومت جي مفادن ۽ سياسي انتقامن طور استعمال ٿيندي ھجي سياستدانن کي نيب ھٿان گرفتار ڪرائي تذليل جو نشانو بڻايو پيو وڃي خورشيدشاھ کي به سياسي انتقام ۾ گرفتار ڪيو ويو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو