هاءِ ڪورٽ جو حڪم مڃڻ جا پابند ناهيون، غداري ڪيس ٻڌندڙ عدالت جو جج

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پرويز مشرف خلاف غداري ڪيس جي سماعت ڪندڙ بينچ جي سربراهه جسٽس وقار احمد سيٺ تبصري کان انڪار ڪيو آهي پر بينچ جي هڪ ميمبرجسٽس نذر اڪبرچيو ته اسلام هاءِ ڪورٽ جو فيصلو مڃڻ جا هو پابند ناهن ڇو ته خصوصي عدالت سپريم ڪورٽ جي حڪم تي قائم ٿي ۽ مٿن حڪم به سپريم ڪورٽ جو هلندو. خميس ڏينهن خصوصي عدالت پرويز مشرف کي 5 ڊسمبر تائين جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته هن ڪيس ۾ سمورين درخواستن تي 5 ڊسمبر کان روزانو جي بنياد تي ڪئي ويندي. ياد رهي ته ملڪ ۾ ايمرجنسي نافذ ڪرڻ تي جنرل پرويز مشرف خلاف سنگين بغاوت واري ڪيس جو فيصلو ٻڌائڻ کان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ خصوصي عدالت کي اربع تي روڪي ڇڏيو هو. اهڙو حڪم چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي م جوڙيل 3 رڪني بينچ جنهن ۾ جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني به شامل هئا تنهن اربع تي وفاقي گهرو کاتي ۽ جنرل پرويز مشرف پاران داخل ڪيل درخواست تي جاري ڪيو. سنگين بغاوت ڪيس جي ٻڌڻي خصوصي عدالت 19 نومبر تي مڪمل ڪندي 28 نومبر تي فيصلو ٻڌائڻ جو اعلان ڪيو هو. جنهن بعد وفاقي گهرو سيڪريٽري ۽ پرويز مشرف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪندي چيو ته خصوصي عدالت جي تشڪيل ئي غلط ٿي هئي ۽ پراسيڪيوشن جي ٽيم کي هٽايو ويو هو پر ان جي باوجود به هنن حڪومت پاران جواب داخل ڪرايو هو.

پرويز مشرف خلاف سنگين غداري جي ڪيس ۾ فيصلو محفوظ

ڪيس جي ٻڌڻي شروع ٿي ته وفاقي گهرو سيڪريٽري موجود نه هو جنهن تي عدالت سخت ناپسنديدگي ظاهر ڪندي اڌ ڪلاڪ ۾ رڪارڊ سميت کيس حاضر ٿيڻ جو حڪم ڏنو جنهن بعد هو آيو ته عدالت کيس ڇنڊ پٽي. چيف جسٽس چيو ته اوهان لکيو آهي ته قانون واري وزارت خصوصي عدالت جو قيام ئي غلط آهي، پوءِ قانون واري وزارت ڇا پئي ڪري؟ هن چيو ته جنرل مشرف عدليه تي وار ڪيو آئين معطل ڪيو اوهان چاهيو ئي نٿا ته مشرف خلاف ڪيس هلي.عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو جيڪو ڪجهه دير بعد ٻڌائيندي خصوصي عدالت کي فيصلي کان روڪي ڇڏيو. ياد رهي ته 3 نومبر 2007 تي جنرل مشرف ايمرجنسي لاڳو ڪئي هئي جنهن خلاف نواز شريف جي دور ۾ 2013 ۾ بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو ويو. پرويز مشرف 2016 ۾ پرڏيهه علاج جي اجازت وٺي ٻاهر هليو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو