خواجا آصف ۽ عطاءَ جا بيان ڳالهين کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش آهي

خواجا آصف ۽ عطاءَ جا بيان ڳالهين کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش آهي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي اڳواڻ شعيب شاهين جو چوڻ آهي ته خواجه آصف ۽ عطاءُ الله تارڙ جا بيان ڳالهين ۾ خلل وجهڻ جي ڪوشش آهن.هڪ بيان ۾ شعيب شاهين چيو ته جيڪڏهن اسان ملڪ کي صحيح رخ ۾ وٺي وڃڻ چاهيون ٿا ته اسان کي پي ٽي آءِ سان ڳالهائڻو پوندو.هن چيو ته جمهوريت کي دفن نٿو ڪري سگهجي ۽ انصاف جي نظام تي حملو نٿو ڪري سگهجي.شعيب شاهين اهو به چيو ته نئين پارٽي آئين موجب، پي ٽي آءِ جي باني کي عهدا ڏيڻ جو حق آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو