اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي اڳواڻ شعيب شاهين جو چوڻ آهي ته خواجه آصف ۽ عطاءُ الله تارڙ جا بيان ڳالهين ۾ خلل وجهڻ جي ڪوشش آهن.هڪ بيان ۾ شعيب شاهين چيو ته جيڪڏهن اسان ملڪ کي صحيح رخ ۾ وٺي وڃڻ چاهيون ٿا ته اسان کي پي ٽي آءِ سان ڳالهائڻو پوندو.هن چيو ته جمهوريت کي دفن نٿو ڪري سگهجي ۽ انصاف جي نظام تي حملو نٿو ڪري سگهجي.شعيب شاهين اهو به چيو ته نئين پارٽي آئين موجب، پي ٽي آءِ جي باني کي عهدا ڏيڻ جو حق آهي.










