اسلام آباد (بيورو رپورٽ)حڪومت ۽ مخالف ڌر جي وچ ۾ ڳالهين جي معاملي تي پي ٽي آءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان رابطو ڪيو آهي.اسپيڪر آفيس جي ذريعن موجب، هن رابطي دوران، پي ٽي آءِ اسپيڪر کان ڳالهين ڪميٽين جي ٽئين اجلاس سڏائڻ جي درخواست ڪئي.سردار اياز صادق جلد ئي حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ڪميٽي جي ملاقات جو يقين ڏياريو.ذريعن موجب اسپيڪر اياز صادق اڄ هن معاملي تي حڪومت ۽ مخالف ڌر سان به صلاح مشورو ڪندو.










