افغان حڪومت پنهنجي سرزمين دهشتگردي لاءِ استعمال کان روڪي: خواجه

افغان حڪومت پنهنجي سرزمين دهشتگردي لاءِ استعمال کان روڪي: خواجه

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)بچاءَ واري وزير خواجه آصف افغانستان جي قائم مقام پرڏيهي وزير جي بيان تي سخت رد عمل ظاهر ڪيو ۽ الزامن کي رد ڪيو.خواجه آصف چيو ته افغانستان جي قائم مقام پرڏيهي وزير جا الزام پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش آهن.هن چيو ته گڏيل قومن جي نگراني ٽيم جي رپورٽ موجب، افغانستان ۾ ٻه درجن کان وڌيڪ دهشتگرد گروپ ڪم ڪري رهيا آهن، جن ۾ پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي، القاعده ۽ داعش شامل آهن.بچاءَ واري وزير چيو ته افغانستان 2024 ۾ داعش جي ڀرتي ۽ سهولتڪاري جو مرڪز رهيو آهي.خواجه آصف وڌيڪ چيو ته عبوري افغان اختيارين کي دهشتگردن جي بنيادي ڍانچي ۽ افغان سرزمين کي ٻين ملڪن خلاف استعمال ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن.

پهنجو تبصرو موڪليو