ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني جو چوڻ آهي ته سياسي بنيادن تي ڪيسن جو سلسلو هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي.ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ پيشي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته 30 سالن کان ميڊيا ٽرائل هلي رهيو آهي، هر ڀيري ڪيسن مان باعزت بري ٿيا آهن.آغا سراج دراني جو چوڻ آهي ته اسان هميشه ڪيسن کي منهن ڏيون ٿا، پارٽي قيادت اسان کي ڪيسن کي منهن ڏيڻ سيکاريو آهي.هن چيو ته وفاقي حڪومت کي اتحادين سان مشاورت ڪرڻ گهرجي.پيپلز پارٽي جي اڳواڻ جو اهو به چوڻ آهي ته صوبي ۾ رهندڙ سمورن شاگردن کي هڪجهڙا حق حاصل آهن جيڪي سنڌو درياهه تي نوان واهه ٺاهڻ جي مخالفت ڪن ٿا.










