موٽر وي ايم 14 تي بس ڪلٽي، 2 ڄڻا فوت،نان ڪسٽم پيڊ سامان هٿ

موٽر وي ايم 14 تي بس ڪلٽي، 2 ڄڻا فوت،نان ڪسٽم پيڊ سامان هٿ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ ايم 14 موٽر وي تي بس ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ 7 زخمي ٿي پيا. موٽر وي پوليس ترجمان موجب اسلام آباد ۾ موٽر وي ايم 14 تي عيسيٰ خيل ويجهو بس ڪلٽي ٿي وئي.حادثي ۾ فوت ٿيلن جا لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.موٽر وي پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته امدادي ڪاررواين دوران بس جي ڳجهن ڪمرن مان نان ڪسٽم پيڊ سامان به هٿ ڪيو ويو آهي.موٽر وي ترجمان موجب نان ڪسٽم پيڊ سامان ۾ تمباڪو، چاڪليٽ ۽ گٽڪا شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو