ريموٽ ڪنٽرول ڳالهين سان مسئلا پيدا ٿيندا: لياقت بلوچ

ريموٽ ڪنٽرول ڳالهين سان مسئلا پيدا ٿيندا: لياقت بلوچ

لاهور (ويب ڊيسڪ)جماعت اسلامي پاڪستان جي نائب امير لياقت بلوچ جو چوڻ آهي ته ريموٽ ڪنٽرول ڳالهين سان مسئلا پيدا ٿيندا.هڪ بيان ۾ هن چيو ته پي ٽي آءِ ۽ ن ليگ وچ ۾ ڳالهين جي ناڪامي جي مهم هلي رهي آهي.لياقت بلوچ جو چوڻ آهي ته سياسي ۽ سماجي ناانصافيون تباهي آڻي رهيون آهن.جماعت اسلامي جي ناياب امير چيو ته مخالفن کي پڪڙڻ لاءِ انٽرنيٽ سسٽم سست ڪرڻ وڏي غلطي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو