عوام نه گھٻرائي، سڀن کي ڏسي وٺندس:صدر آصف علي زرداري

عوام نه گھٻرائي، سڀن کي ڏسي وٺندس:صدر آصف علي زرداري

لاڙڪاڻو (رپورٽر)ڳڙهي خدا بخش ۾ جلسي کي خطاب ڪندي صدر آصف علي زرداري چيو ته عوام جي طاقت ۽ دعائن سان ٻيهر صدر بڻجي ويو آهيان، پاڪستان ۽ وفاق جا وفادار آهيون، ملڪ کي بچائڻ چاهيون ٿا، پاڪستان کي ڏکين حالتن مان ڪڍنداسين،آصف علي زرداري چيو ته جيڪڏهن ڪو سپر پاور آهي ته مولا به ان کان وڏو سپر پاور آهي ۽ هو ئي واحد طاقت آهي،عوام پريشان نه ٿئي، پاڪستان کي هن ڏکئي صورتحال مان ڪڍي وٺنداسين، اسان لاءِ ڪا نئين ڳالهه ناهي، مسئلن کي منهن ڏيڻ ۾ پراڻا واقفڪار آهيون، سڀن کي ڏسي وٺنداسين،هن چيو ته عوام جو پاڻي ۽ گيس ڪنهن کي نه ڏنو ويندو جنهن جو حق آهي انهن کي ملندو، سمورن ماڻهن ۽ صوبن کي سندن حق ملندا.

پهنجو تبصرو موڪليو