گئس جي فراهمي ۾ گهٽتائي جي شڪايتن تي وزيراعظم جو نوٽيس

گئس جي فراهمي ۾ گهٽتائي جي شڪايتن تي وزيراعظم جو نوٽيس

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف گهريلو صارفين کي گئس جي فراهمي ۾ گهٽتائي جي شڪايتن جو نوٽيس ورتو.شهباز شريف جي صدارت هيٺ ملڪ ۾ گئس جي فراهمي بابت جائزو ورتو ويو.اجلاس دوران ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته گهريلو صارفين کي گيس جي بلدياتي فراهمي کي فوري طور تي يقيني بڻايو وڃي.شهباز شريف جو چوڻ آهي ته گهريلو صارفين کي گئس جي فراهمي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي.وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سسٽم ۾ سرپلس آر ايل اين جي موجود آهي، گيس لوڊ مينيجمينٽ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ بهتر ٿي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو