پي ٽي آءِ پاران حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي جي قيام جي آجيان

پي ٽي آءِ پاران حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي جي قيام جي آجيان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي چيئرمين بئريسٽر گوهر حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي جي قيام جي آجيان ڪندي حڪومت طرفان ڪميٽي جي قيام کي سٺي ڳالهه قرار ڏنو آهي.جاري ڪيل بيان ۾ بئريسٽر گوهر چيو ته حڪومت طرفان ڪميٽي جي اعلان کي ڀليڪار چئون ٿا، ڪميٽي جو قيام خوش آئند آهي، حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ڳالهيون جامع ۽ نتيجا ڏيندڙ هجڻ گهرجن.هن چيو ته اميد آهي ته گهٽ ۾ گهٽ وقت ۾ سمورا مسئلا حل ٿي ويندا، ٻنهي ڪميٽين ۾ سنجيده ماڻهو موجود آهن، ڳالهيون ضرور اڳتي وڌنديون، اسان کي اميد آهي ته ڳالهين جو عمل هاڻي شروع ٿيڻ وارو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو