ووٽ الف کي ڏيون ٿا،حڪومت ۾  ب اچي ٿو: پير پاڳارو

ووٽ الف کي ڏيون ٿا،حڪومت ۾ ب اچي ٿو: پير پاڳارو

نور پور(ويب ڊيسڪ)حر جماعت جي روحاني پيشوا ۽ مسلم ليگ ف جي سربراهه پير پاڳاري چيو آهي ته اسان الف کي ووٽ ڏيون ٿا ۽ ب جي حڪومت اچي ٿي.نصيرآباد جي ڪوٽ نورپور جمالي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته هاڻي اها حڪومت ٺهي وئي آهي، جيڪا هلي نه پئي، ڪوڙ تي ٻڌل آهي.پير پاڳاري چيو آهي ته حڪومت ۾ ويٺل ماڻهو هڪ ٻئي سان ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن، اوهان جو ووٽ ۽ منهنجو ووٽ نه حڪومت ٺاهي ۽ نه ٽوڙي، هن چيو ته عزت وارا ماڻهو سياست مان نڪري ويندا، پوءِ ٺيڪيدار ملڪ هلائيندا، اسان کي ملڪ لاءِ سوچڻو پوندو، ٻوڏ هجي يا ٻي آفت، رڳو فوج ئي مدد لاءِ ايندي آهي. مسلم ليگ فنڪشنل جي سربراهه چيو ته بهتر ٿيندو ته سڀ قانون تي عمل ڪن، ٻي صورت ۾ گاڏي ساڳي ريت هلندي. هن چيو ته اسان کي خبر هئي ته 70 سالن کان چونڊون ڪيئن ٿي رهيون آهن، هن ڀيري به خبر پئي ته عالمي سطح تي اليڪشن ڪيئن ٿي رهي آهي. پير پاڳاري جو چوڻ آهي ته هو جتي به ويا اتي پاڻي جو مسئلو آهي، ماڻهن جي حالت ڏسي ڏک ٿيو، اهڙا علائقا به آهن جتي پيئڻ ۽ غسل ڪرڻ جو پاڻي ناهي. هنن چيو ته جيڪڏهن صدر زرداري واهه لاءِ اين او سي ڏئي ڇڏي ته پوءِ اسان ڪجهه نه ٿا ڪري سگهون.فنڪشنل ليگ جي سربراهه چيو ته ٻوڏ ۾ سڀ پريشان آهن ته بند نه ٽٽن، ٻوڏ جي موسم ۾ ماڻهو پاڻي لاءِ وڙهندا رهيا، پوءِ ڇا ٿيندو؟ پيرپاڳاري چيو آهي ته سنڌ کي پاڻي ملندو ته بلوچستان ايندو. هن چيو ته بلوچستان ۾ اقتداري ماڻهو غربت مان امير ٿي ويا، بلوچستان جو پئسو عوام تي خرچ ٿيڻ گهرجي ها. پيرپاڳاري چيو ته عزت ۽ انصاف کانسواءِ معاشرو نٿو هلي سگهي، توهان عزت نٿا ڏئي سگهو، انصاف ڏيو،چون ٿا ته ڪياني صاحب واري ٽائيم حالتون خراب هيون، باجوه صاحب ڊاوا ڊول ڪري ڇڏيو. فنڪشنل ليگ جي سربراهه چيو ته هي حڪومت ته ٺاهي وئي پر هلي رهي آهي؟،ان کي اسان جي قسمت چئو يا عادت جو اسان ڪوڙ ڳالهائڻ پسند ڪندا آهيون. هن چيو ته اسان وفاق جا حامي آهيون ۽ فيصلا ڪندڙن کي درست ۽ بروقت فيصلا ڪرڻ گهرجن. چون ٿا ته ڪالاباغ ڊيم جو منصوبو ضياءُ الحق جي دور ۾ ختم ٿي ويو، جڏهن ته بينظير جي دور ۾ ڪالاباغ ڊيم لاءِ فنڊ مختص ڪيا ويا. پيرپاڳاري وڌيڪ چيو ته 1985ع ۾ به سنڌ ۽ پنجاب وچ ۾ ڪينال پاڻي جا مسئلا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو