قرآن پاڪ جي بيحرمتي پاڪستان جو ناروي سان سخت احتجاج

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام مخالف مظاهري ۽ قرآن جي بي حرمتي ڪرڻ تي پرڏيهي کاتي ناروي جي سفير کي طلب ڪري مسلمان قوم جي غم ۽ غصي بابت آگاهه ڪيو، کيس ٻڌايو ويو ته دنيا ڀر جي سوا ارب مسلمانن جي دل آزاري ٿي آهي ۽ آئندهه اهڙن قدمن تي پابندي هڻو. ترجمان اهو به چيو ته اظهار راءِ جي آزادي جو اهو هر گز مطلب نه هئڻ گهرجي ته عالم اسلام جي دل آزاري ڪئي وڃي. ناروي ۾ تعينات پاڪستاني سفير کي به هدايت ڪئي وئي آهي ته هو ناروي حڪومت کي احتجاج نوٽ ڪرائي. هوڏانهن فوجي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور به ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي مذمت ڪئي آهي. فوجي ترجمان بيحرمتي ڪندڙ  کي روڪڻ واري پاڪستاني نوجوان الياس کي به ڀرپور داد ڏنو آهي.

https://twitter.com/peaceforchange/status/1197922904094248960

پهنجو تبصرو موڪليو