اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف 18 کان 20 ڊسمبر تائين مصر جو سرڪاري دورو ڪندو. وزيراعظم جي ترجمان موجب، شهباز شريف قاهره ۾ منعقد ٿيندڙ ڊي 8 ملڪن جي يارهين سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس موجب، سربراهي اجلاس کان اڳ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار 18 ڊسمبر تي ڊي ايٽ جي وزيرن واري ڪائونسل جي 21هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. ترجمان ٻڌايو ته سمٽ جو ٿيم نوجوانن تي سيڙپڪاري ڪرڻ ۽ ايس ايم ايز کي سپورٽ ڪرڻ آهي، وزيراعظم ڊي 8 جي نظريات لاءِ پاڪستان جي مبضوط عزم جو اظهار ڪندو، نوجوانن کي با اختيار بڻائڻ ۽ مالياتي ترقي جي لاءِ پاڪستان جي ترغيبن تي پڻ روشني وجهندو. اهڙي طرح وزيراعظم شهباز شريف فلسطين جي صورتحال تي پاڪستان جو اصولي موقف به پيش ڪندو ۽ وچ اوڀر ۾ امن قائم ڪرڻ تي زور ڀريندو. واضع رهي ته سربراهي اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم جي شرڪت ڪندڙ اڳواڻن سان ٻه طرفي ملاقاتن جو به امڪان آهي……










