دادو (ادل مهيسر ) جهيڙي ڪيس جي ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش دوران پوليس اهلڪارن ۽ سولنگي برادري جي ماڻهن ۾ جهيڙو ٿي پيو. ٻنهي طرفن کان لتن ۽ مُڪن جو وسڪارو شروع ٿي ويو. عدالت ۾ حاضري بعد واپس ويندي پوليس اُميد علي سولنگي ۽ ٻين کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کانپوءِ جڊيشل ڪامپليڪس ٻاهران پوليس ۽ سولنگي برادريءَ جي ماڻهن ۾ چڪريون شروع ٿي ويون. ڪيتري ئي دير تائين ڇڪتاڻ جاري رهي، جنهن کانپوءِ پوليس اُميد علي سوڌو ٽن ڄڻن کي موبائيل ۾ وڌو ته ماڻهو اُن کي به چنبڙي پيا، موبائيل ۾ به جهيڙي دوران جوابدار اُميد علي ٻاهر ڪري پيو ۽ بيهوش ٿي ويو، جنهن بعد وارث کيس گرفتاري کان بچائڻ لاءِ جڊيشل ڪامپليڪس اندر وٺي ويا. سولنگي برادري جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته اُميد علي سوڌو ٽن ڄڻن کي جهيڙي جي ڪيس ۾ جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي عدالت مان ضمانت ملڻ باوجود پوليس کين گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.










