اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو آهي.ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف صدر کي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو آهي.پارلياماني ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم 17 ڊسمبر تي 11 وڳي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جو مشورو ڏنو آهي، جنهن ۾ مدرسن جي رجسٽريشن سميت 8 بلن جي منظوري جو امڪان آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت ۽ جي يو آءِ (ف) وچ ۾ مدرسن جي رجسٽريشن بابت نئين بل تي مشاورت ٿي رهي آهي.ياد رهي ته مدرسن بل تي ملڪ جي صدر طرفان اعتراض اٿاريا ويا آهن ۽ صدر آصف زرداري اعتراضن سان بل واپس موڪلي ڇڏيو آهي.










