بس گهڻو ٿي ويو، ملڪ کي هاڻي بهتري طرف وڌڻ گهرجي: گوهر

بس گهڻو ٿي ويو، ملڪ کي هاڻي بهتري طرف وڌڻ گهرجي: گوهر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر علي چيو آهي ته بس ٿي ويو، هاڻي ملڪ کي بهتري طرف وڃڻ گهرجي،اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پي ٽي آءِ جي باني اڳواٽ ئي چيو هو ته ڳالهيون ڪيون پيون وڃن.گوهر علي جو چوڻ آهي ته سياسي مسئلا سياسي ملاقاتن ذريعي ئي حل ٿيندا آهن، ڳالهين دوران ڪي به شرط نه رکيا ويا، مطالبا طئي ڪيا ويا آهن.پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته اڳ به ڳالهيون ٿيون پر هڪ مرحلي کان اڳ ئي رابطا ٽٽي ويا.بئريسٽر گوهر علي جو چوڻ آهي ته 9 مئي تي داخل ڪيل ڪيس مان بريفنگ ڏني وئي، سمورا ڪيس جعلي آهن.سڄي دنيا ۾ احتجاج دوران فائرنگ نه ڪئي وئي، مظاهرين احتجاج ڪرڻ لاءِ نه ويٺا ۽ شيلنگ شروع ٿي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو