اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته حتمي ڪال کان اڳ تحريڪ انصاف سان رابطو ڪيو ويو پر پي ٽي آءِ جي باني کي آزاد ڪرڻ بابت ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿي.ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته ن ليگ هميشه ڳالهين جي حمايت ڪئي آهي، جڏهن اسان اپوزيشن ۾ هئاسين تڏهن به چارٽر آف اکناميءَ جي آڇ ڪئي هئي.هن چيو ته تحريڪ انصاف ڳالهين لاءِ ڪميٽي ٺاهي آهي پر ڳالهين جو پيغام ناهي ڏنو، تحريڪ انصاف جو اسان لاءِ پيغام آهي ته اسان توهان سان ڳالهيون ڇو ڪريون؟ ن ليگ اڳواڻ چيو ته تحريڪ انصاف جيڪڏهن ڳالهين جو پيغام ڏئي ته ان کان انڪار نه ڪيو ويندو، راڻا ثناءُ الله چيو ته مدرسن جي رجسٽريشن جو معاملو گڏ ويهي حل ڪري سگهجي ٿو، ان معاملي ۾ ڪو به ڊيڊ لاڪ ناهي،هن چيو ته سوسائٽي ايڪٽ يا تعليم واري وزارت طرفان رجسٽر ٿيڻ سان ڪو به فرق نٿو پوي.










