سنڌ ڪابينا يونيورسٽي لاز ايڪٽ 2018ع ۾ ترميم جو فيصلو واپس وٺي

سنڌ ڪابينا يونيورسٽي لاز ايڪٽ 2018ع ۾ ترميم جو فيصلو واپس وٺي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين رضا رباني مطالبو ڪيو ته سنڌ يونيورسٽيز اينڊ انسٽيٽيوٽز لاز ايڪٽ 2018ع ۾ ترميم جو سنڌ ڪابينا فيصلو واپس ورتو وڃي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رضا رباني چيو ته ترميم عام يونيورسٽين ۾ وائيس چانسلرن جي مقرري جي معيار سان لاڳاپيل آهي.سنڌ اسيمبليءَ سنڌ يونيورسٽيز اينڊ انسٽيٽيوٽس لاز ايڪٽ 2018ع ۾ ترميم جي منظوري نه ڪرڻ گهرجي،هن چيو ته وائيس چانسلر لاءِ پي ايڇ ڊي جي ڊگري رکندڙ تعليمدان هجڻ جي شرط کي ختم ڪيو پيو وڃي. 21 گريڊ يا ان کان مٿي جي سرڪاري آفيسر کي 4 سالن جو تجربو، لاڳاپيل ماسٽرز جي ڊگري رکندڙ کي جنرل يونيورسٽي جو وي سي مقرر ڪرڻ جي اجازت پئي وڃي،رضا رباني چيو ته استعمال ڪيل اصطلاح ايترو ته مبهم آهي جو ڪنهن به بيوروڪريٽ پورو لهي سگهي، اهو قدم بيوروڪريٽس لاءِ وائيس چانسلر ٿيڻ لاءِ رستو هموار ڪندو، جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي.هن چيو ته وائيس چانسلر يونيورسٽي جا نه رڳو ايڊمنسٽريٽر پر تعليمي ليڊر به هوندا آهن، هي هڪ پوئتي پيل قدم آهي، ان سان تعليم جي معيار تي سخت اثر پوندا. ان قدم سان يونيورسٽين ۾ تعليمي آزادي به متاثر ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو