پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر محمد علي سيف جو چوڻ آهي ته آل پارٽيز ڪانفرنس پي ٽي آءِ خلاف داستان ٺاهڻ جي ناڪام ڪوشش آهي.هڪ بيان ۾ هن چيو ته گورنر هائوس ۾ ٿيل اي پي سي رڳو سياسي پوائنٽ اسڪورنگ لاءِ آهي، اي پي سي سڏائڻ گورنر جو نه پر چونڊيل حڪومت جو مينڊيٽ آهي،بئريسٽر سيف جو چوڻ آهي ته گورنر کي اي پي سي بدران وفاق جي نمائندي طور مرڪز کان صوبي جا بقايا وٺڻ گهرجن،هو صوبي جي چيف ايگزيڪيوٽو ٿيڻ جي ڪوشش پيو ڪري،پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته صوبي جو چيف ايگزيڪيوٽو وڏو وزير علي امين گنڊاپور آهي، هو پنهنجي ذميواري سٺي نموني نڀائي رهيو آهي.خيبرپختونخواهه جي سڌ سماءَ واري صلاحڪار جو چوڻ آهي ته وڏو وزير ڪرم جو معاملو بهترين طريقي سان حل ڪري رهيو آهي. سندس هدايت تي حڪومتي جرڳي جنگبندي ۽ لاشن جي حوالي ڪرڻ کي يقيني بڻايو.هن اهو پڻ چيو ته وڏي وزير ڪرم کي هيلي ڪاپٽر ذريعي زندگي بچائيندڙ دوائون پهچايون ۽ علائقي ۾ 400 پوليس اهلڪار ڀرتي ڪرڻ جي منظوري ڏني.










