النور شگر ملز انتظاميه جي زيادتين خلاف آبادگارن جو احتجاج

النور شگر ملز انتظاميه جي زيادتين خلاف آبادگارن جو احتجاج

شاهپور جهانيان (اسد جاني) النور شگر مل انتظاميا آبادگارن کي گذريل سال جي 22 روپيا رهت جي ادائگي نه ڪرڻ خلاف مختلف ڳوٺن جي آبادگارن عبدالفتاح ٻگهيو، محمد بخش ڪورائي، ولي محمد جوکيو، فيض محمد چنڊ، دوست علي سولنگي، غلام محمد ماڇي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ شهيد صحافي محمد منير آرائين چونڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ اڳواڻن چيو ته النور شگر مل انتظاميا گذريل سال جي 22 روپيا رهت ادا نه ڪندي آبادگار دشمن جو ثبوت ڏنو آهي نومبر مهينو ختم ٿيڻ تي آهي تنهن هوندي به النور شگر مل مالڪان پنهنجي ڏاڍ مڙسي ۽ هٺ ڌرمي قائم رکندي آبادگارن سان ناانصافيون ڪري رهي آهي. هنن چيو ته شگر ڪين ايڪٽ تحت ملون آڪٽومبر ۾ هلائڻيون آهيون پر انتظاميا حڪومتي ايڪٽ جي لتاڙ ڪري ڪمند جي پيڙائي شروع ناهي ڪئي ۽ شگر مل جي سکڻن دلاسن تي ڪمند جي ڪٽائي شروع ڪئي هئي اهو ڪپيل ڪمند هينئر سڪي رهيو آهي جنهن سان آبادگارن کي معاشي نقصان پوندو.  آبادگارن النور شگر مل انتظاميا کي چتاءُ ڏنو آهي ته ملون هلائي ڪمند جو اگهه 250 روپيا مقرر ڪيو وڃي ۽ گذريل سال جي 22 روپيا رهتون ادا ڪيون وڃن نه ته ٻي صورت ۾ مل جو گهيراءُ ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو