ملڪي سالميت ۽ خودمختياري جي حفاظت ڪرڻ جي صلاحيت رکون ٿا

ملڪي سالميت ۽ خودمختياري جي حفاظت ڪرڻ جي صلاحيت رکون ٿا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جو چوڻ آهي ته هٿياربند فوج قوم جي پرعزم حمايت سان سمورن خطرن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي.انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير نارووال ۽ سيالڪوٽ جو دورو ڪيو.آرمي چيف جي پهچڻ تي ڪور ڪمانڊر گوجرانوالا ۽ انسپيڪٽر جنرل آف ٽريننگ اينڊ ايويوليوشن سندس آجيان ڪئي.آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير فيلڊ ٽريننگ مشقن جو معائنو ڪيو ۽ کيس مشقن جي مقصدن ۽ انعقاد بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.آرمي چيف سڄو ڏينهن جوانن سان گڏ فيلڊ ۾ گذاريو، تربيتي معيار، آپريشنل تيارين ۽ جوانن جي بلند حوصلي کي ساراهيو.ان موقعي تي آرمر، انفنٽري، ميڪنائزڊ انفنٽري، آرٽلري، ايئر ڊفينس، آرمي ايوي ايشن، اينٽي ٽينڪ گائيڊڊ ميزائل يونٽس ڪوآرڊينيٽڊ فائر ۽ مينيوور آپريشن ڪيا، جڏهن ته اليڪٽرڪ وارفيئر صلاحيتن جي موثر استعمال ۽ معلوماتي آپريشن جو پڻ مظاهرو ڪيو ويو.ان موقعي تي ڳالهائيندي آرمي چيف چيو ته قومي سهڪار سان مادر وطن جي سالميت ۽ خودمختياري جو تحفظ ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا.انٽر سروسز پبلڪ رليشنز چيو ته انهن مشقن جو مقصد پيشه ورانه صلاحيتن کي بهتر بڻائڻ ۽ جنگ جي ميدان جي طريقيڪار کي بهتر بڻائڻ هو ته جيئن اڀرندڙ آپريشنل چئلينجز کي منهن ڏئي سگهجي.آءِ ايس پي آر موجب، اهي آپريشن دشمن جي مواصلات کي خراب ڪرڻ ۽ جنگ جي ميدان جي جديد ماحول ۾ غلط انفارميشن جي حڪمت عملي کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو