پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي سڌ سماءَ واري صلاحڪار بئريسٽر محمد علي سيف چيو آهي ته ڊي چوڪ واري احتجاج کانپوءِ پي ٽي آءِ جي باني کي آزاد ڪرڻ جي تحريڪ وڌيڪ مضبوط ٿي آهي.هڪ بيان ۾ هن چيو ته حڪومت سمجهي ٿي ته ظلم سان تحريڪ کي ڪمزور ڪيو ويو آهي، ان ڪري اها سندن غلطي آهي.بئريسٽر محمد علي سيف جو چوڻ آهي ته علي امين گنڊاپور جي اڳواڻي ۾ پي ٽي آءِ جي باني جي آزادي لاءِ تحريڪ وڌيڪ زور وٺندي، سڀني کي وڏي وزير جي قيادت تي مڪمل اعتماد آهي،پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته جعلي حڪومت ظلم ڪري پاڻ کي پيرن ۾ گولي هڻي ڇڏي آهي،حڪومت خوف پيدا ڪرڻ لاءِ ظلم ڪيو، پر ڊڄڻ وارا پاڻ آهن،هنن جو اهو به چوڻ آهي ته ظلم هميشه خوفناڪ ماڻهن کان ٿيندو آهي، بيگناهه ڪارڪنن جو رت وهائي جعلي حڪومت کي ان جي منطقي انجام تائين پهچائينداسين.










