نابالغ ڇوڪرين جو سيڪس اسڪينڊل، برطانوي شهزادو مستعفي

لنڊن (ويب ديسڪ) برطانيا جي شهزادي اينڊريو (ڊيوڪ آف يارڪ) نا بالغ ڇوڪرين سان جنسي تعلقات جي خبرن ۽ ملڪ ۾ ٿيندڙ تنقيد بعد استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. هڪ پاسي سندس استعيفيٰ جون خبرون آهن ته ٻئي پاسي ملڪه پاران پنهنجي ننڍي پٽ 66 ساله اينڊريو کي سرڪاري ڊيوٽي تان هٽائڻ جون خبرون به هلي رهيو آهن. هلندڙ سال جيفري اپسٽن سيڪس اسڪيندل ۾ سندس نالو آيو هو ۽ مٿس الزام آهي ته هن جا نابالغ ڇوڪرين سان جنسي تعلقات هئا. هي اسڪينڊل ان وقت سامهون آيو جڏهن 69 ساله آمريڪي ارب پتي جيفري اپسٽن 10 آگسٽ تي نيو يارڪ جي جيل ۾ خود ڪشي ڪري ڇڏي هئي.

جيفري اپسٽن، فوٽو اي ايف پي

هن کي گهٽ عمر وارين ڇوڪرين سان جنسي تعلق جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو ويو هو ۽ سندس خلاف 2 هزار صفحن تي مشتمل ثبوت عدالت ۾ پيش ٿيڻ بعد هن خود ڪشي ڪئي هئي. سڀني کان اڳ ورجينيا رابرٽ گفي نالي عورت شهزادو اينڊريو جيفري اپسٽن خلاف الزام هنيو هو.

شهزادو ورجينيا سان گڏ

هن چيو هو ته کيس 14 سالن جي ڄمار کان ڪيترن سالن تائين جنسي تشدد جو نسانو بنايو ويو. هن کي شهزادي جي جنسي لذت پهچائڻ جو به حڪم مليو هو. هن چيو ته 1999 کان 2001 تائين ٽي ڀيرا شهزادي زبردستي سيڪس ڪيو. جيفري اپسٽن تي الزام هو ته هن نابالغ ڇوڪرين سميت ڪيترين ئي عورتن کي جنسي غلام بنائي رکيو ۽ کين پنهنجي دوستن ۽ مهمانن کي به جنسي بک مٽائڻ لاءِ پيش ڪيو ويو. شهزادي اهڙن الزامن کي رد ڪيو هو. بي بي سي کي ڏنل انٽرويو ۾ هن ورجينيا رابرٽ گفي سان سيڪس کان انڪار ڪيو هو. هن گفي سان سامهون ايندڙ تصوير کي به ڪوڙو قرار ڏنو هو.

ورجينيا رابرٽ گفي، فوٽو ميامي ٽائمز

سندس انٽريو بعد برطانيا جي ڪيترن ئي فلاحي ادارن شهزادي سان گڏ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو. رپورٽ مطابق شهزادي ملڪه کان استعيفيٰ جي اجازت ورتي جيئن سيڪس اسڪينڊل جي شفاف جاچ ٿي سگهي. ياد رهي ته هو برطانوي نيوي ۾ اهم عهدي تي هو ۽ ڪيترائي شاهي اعزازي عهدا هن وٽ هئا. کيس 20750 پائونڊ ماهوار پگهار ملندي هئي. جيڪا پوڻا ٻائيتاليهه لک روپين برابر آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو