راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)بنون ۾ سڪيورٽي فورسز جي گڏيل چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي حملي ۾ 12 اهلڪار شهيد ٿي ويا.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب بنون جي علائقي ۾ گڏيل چيڪ پوسٽ تي خوارج طرفان حملي جي ڪوشش ڪئي وئي.آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 6 خوارج مارجي ويا، جڏهن ته خوارج جي آپگهاتي حملي ۾ 12 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري کاتي موجب شهيد ٿيندڙن ۾ سڪيورٽي فورسز جا 10 ۽ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جا 2 اهلڪار شامل آهن.آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي اهلڪارن خوارج جي چيڪ پوسٽ ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي.پاڪ فوج جي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ موجب خوارج طرفان آپگهاتي ڌماڪي سبب چيڪ پوسٽ جي ڀت جو هڪ حصو ڪري پيو.آپگهاتي ڌماڪي ۾ ڀرپاسي جي انفراسٽرڪچر کي نقصان پهتو جنهن جي نتيجي ۾ 12 ڄڻا شهيد ٿي ويا.آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي، ان بزدلاڻي ڪارروائي ۾ ملوث جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، سڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن.پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ موجب اسان جي بهادرن جون اهڙيون قربانيون اسان جي عزم کي مضبوط ڪن ٿيون.شهيدن ۾ گوجرانوالا جو صوبيدار عمران احمد فاروقي، سرگوڌا جو حوالدار محمد جاويد، ايبٽ آباد جو نائيڪ طهماس احمد، هري پور جو نائيڪ باسط فريد شامل آهن.










