دڙو (امداد ميمڻ) سجاول ضلعي جي 8 لک کان وڌيڪ انساني آبادي اڃا تائين صحت لاءِ هاڃيڪار پاڻي پيئڻ تي مجبور، گندي پاڻي جي استعمال سبب وبائي بيماريون ڦهلجڻ لڳيون، پ پ جي 11 سالن واري دوُر حڪمراني ۾ ضلعي جي 5 تعلقن ۾ هڪ به فلٽر پلان لڳي نه سگھيو آھي. جڏھن ته جر جو 90 سيڪڙو پاڻي کارو ٿي ويو آھي. جنھن سبب ھزارين ماڻهو صحت لاءِ ھاڃيڪار گندو آلوده ۽ ٻاڙو پاڻي پيئڻ تي مجبور آھن. ميرپوربٺوري تعلقي جي مختلف شھرن ٻنون، لائقپور، ٻيلو، ابڙال سميت ٻين ڪيترن ئي ننڍن وڏن شھرن جي عوام لاءِ اڃا تائين واٽر سپلائي جو پاڻي ملڻ به ھڪ خواب بڻيل آھي. دڙو، سجاول، چوهڙجمالي، جاتي، ميرپوربٺورو، جھو شريف شهرن ۾ پاڻي فراهم ڪرڻ واري تلائن جون پائيپ لائينون مختلف هنڌن تان ٽٽي تباھ ٿي ويون آھن. ضلعي جي 5 تعلقن جو عوام گٽرن جو گندو ۽ صحت لاءِ هاڃيڪار پاڻي پيئڻ سبب ڊائريا، گسيٽرو، بدهضمي، گڙدن، جيري، معدي ۽ چمڙي خارش جي مختلف بيمارين ۾ ورتل آھي.

جنھن جي نتيجي ۾ روزانو هزارين مريض مختلف اسپتالن ۾ علاج لاءِ اچن ٿا. اڳوڻي آمر پرويزمشرف جي دور ۾ به دڙو ۽ سجاول لاءِ فلٽر پلانٽ منظور ڪيو ويو هو جيڪو اڃان تائين چالو نه ٿي سگهيا آهن. ٻئي طرف ضلعي جي تعلقن جاتي ۽ شاھبندر ۾ جر جو زميني پاڻي مڪمل کارو ٿي ويو آهي. زمينن ۾ لڳل ھينڊ پمپ نلڪا کارو پاڻي ڏيئي رھيا آھن جڏهن ته سجاول ۽ ميرپوربٺورو تعلقن ۾ پڻ جر جو پاڻي 90 سيڪڙو کارو ٿي ويو آهي. عوام کي صاف پاڻي جون سھولتون مھيا ڪرڻ لاء حڪومت اڃا تائين ڪي به قدم ناھن کنيا. هتان جي سياسي, سماجي تنظيمن جي اڳواڻن اعجازاختر ميمڻ، نواز سومرو، علي رضا ڪڇي ميمڻ، ڪامريڊ عزيز سومرو، منظور ميمڻ ۽ ٻين سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو آهي ته سجاول ضلعي جي هر شهر ۾ فلٽر پلانٽ لڳائي عوام کي صاف پاڻي جون بنيادي سھولتون مھيا ڪيون وڃن.










