پي پي اڳواڻن جي آزادي لاءِ پيرين پنڌ قافلو  اسلام آباد روانو

پي پي اڳواڻن جي آزادي لاءِ پيرين پنڌ قافلو اسلام آباد روانو

اوٻاوڙو (غلام علي رند) پيپلز پارٽي جي گرفتار اڳواڻن جي آزادي لاءِ  سنڌ پنجاب بارڊر کان ڪارڪنن جو  پيادل مارچ ڪندي قافلو اسلام آباد لاءِ روانو ٿي ويو. ان موقعي تي ڪارڪنن ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اسين وفاقي حڪومت کي آگاھ ٿا ڪريون ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، فريال ٽالپر، سيد خورشيد شاهه ۽ ٻين اڳواڻن کي آزاد ڪيو وڃي.

هنن چيو ته سندن هي قافلو اسلام آباد لانگ مارچ لاءِ روانو ٿي رهيو آھي جيسين تائين صدر آصف علي زرداري کي آزاد نه ڪيو ويندو تيستائين اسلام آباد جي ايوانن اڳيان احتجاج جاري رهندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو