گئس جي سهولت ڏيو، زهريلي دونهين کان بچايو، ڳوٺاڻا

گئس جي سهولت ڏيو، زهريلي دونهين کان بچايو، ڳوٺاڻا

پکو (عبدالوحيد ميئو) شھر ۽ آسپاس سميت علائقي جي 50 ڳوٺن ڳوٺ گھوگھارو، ديدڙ،  خيرپور جوسو، ڪرم ٻوڪ ، نئون ڳوٺ،  ڳڙھي غلام علي اسراڻ، يار محمد مغيري، ڳوٺ سائينداد، چانڊو وليج، ڳوٺ علي محمد ورک، ميڪڻ ڳوٺ، عطر ڳوٺ، ڳوٺ پنھل چانڊيو، ورياڻي، محراب سنديلو، سلطان سامٽيو، احدي ڳوٺ، طاھر ڳوٺ، جلال مغيري، پريو ڳوٺ، چيلو، سمائي شاخ،  ڀولا ڪلھوڙا، ڳوٺ چونڊيا، عالي کٻڙ ۽ ٻين ڳوٺن ۾ گيس سھولت نه ملڻ ڪري علائقن ۾ سالن کان رڌ پچاءُ ڪاٺين ۽ چوپائي مال جي ڇيڻن تي ٿيڻ لڳو آھي جنھن ڪري زھريلي دونھين سبب علائقي واسي موذي مرضن سلھ، ٽي بي، دم، سھڪو، کنگھ ۽ اکين جي بيمارين سميت چمڙي بيمارين ۾ مبتلا ٿي سخت تڪليف ڀوڳڻ لڳا آھن.

ھوڏانھن گيس جي مين لائين ڀر واري شھر ڳيريلو مان گذرڻ باوجود علائقي کي گيس کان محروم رکيو ويو آھي جڏھن ته ڪجھ وقت اڳ وفاقي سرڪار جي سمري دوران ھڪ نجي اداري طرفان علائقي ۾ گيس لائين جي وڇائڻ جي سروي پڻ ڪئي وئي ھئي پر تڪ جي چونڊيل نمائندن جي عدم دلچسپي سبب علائقي جي گيس سمري منظور نٿي سگھي. ان حوالي سان علائقي واسين زاھد حسين خشڪ، مظھر علي اسراڻ، طارق خشڪ، خالد چانڊيو، شفقت علي راجپوت، آفتاب احمد سولنگي، خليل خشڪ ۽ ٻين ٻڌايو ته پکو شھر سميت ھزارن جي آبادي واري علائقي کي ھر ترقياتي ڪمن ۾ نظر انداز ڪيو ويو آھي زندگي جي بنيادي مسئلن ۾ گيس جي سھولت اھم آھي پر ان کان به محروم رکيو ويو آھي. علائقي واسين تڪ جي چونڊيل ايم اين اي کي چتاءُ ڏيندي چيو ته وفاق کان علائقي جو گيس منظور نه ڪرايو ويو ته سندس خلاف سخت احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو