نوشهروفيروز (مشتاق حسين مري) گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ عيسيٰ خان مري جي بلڊنگ جا چاپڙ اچانڪ ڪري پيا، استاد توڙي شاگرد محفوظ، استاد اسڪول بند ڪري هليا ويا. ان موقعي تي ڳوٺاڻن ۽ شاگردن محمد اسماعيل مري، نجيب، سبحان حسين، ذبيع الله، محرم مري جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مڊل اسڪول ڳوٺ عيسيٰ خان مري جي بلڊنگ 2 سال اڳ زبون حالي جو شڪار ٿي وئي هئي جنهن کان پوءِ مڊل اسڪول جا شاگرد به گورنمينٽ پرائمري اسڪول جي بلڊنگ ۾ پڙهندا هئا جتي اڄ پڻ اسڪول جا چاپڙ اچانڪ ڪري پيا اسڪول جي رسيس هجڻ ڪري استاد ۽ شاگرد محفوظ رهيا جنهن ڪري ڪو به جاني نقصان نه ٿيو آهي.

هنن چيو ته 2 سال اڳ اسان تعليم کاتي جي اعليٰ عملدارن کي مڊل اسڪول ۽ پرائمري اسڪول جي عمارت لاءِ درخواستون ڏنيون پر هن مهل تائين ڪو به تدارڪ ناهي ٿي سگهيو ۽ شاگردن جون زندگيون داءُ تي لڳل آهن. اڄ پرائمري اسڪول جا چاپڙ ڪرڻ سبب استاد اسڪول بند ڪري هليا ويا آهن ٻئي اسڪول بند ٿيڻ ڪري شاگردن جو مستقبل داءُ تي لڳي ويو آهي. هنن سنڌ حڪومت سميت تعليم کاتي جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته گورنمينٽ مڊل ۽ پرائمري اسڪول ڳوٺ عيسيٰ خان مري جي اسڪول جون نيون بلڊنگون ڏئي شاگردن جي پڙهائي سان گڏ سندن زندگي محفوظ بڻائي وڃي نه ته ٻي صورت ۾ ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايجوڪيشن کاتي جي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو.










