گڏاپ (ن س) جسقم پاران پيغام سنڌ مارچ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، جڏهن ته رات دير تائين ملير ضلعي ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جا مرڪزي قيادت امجد خان مهيسر، ديدار شام، مومن سمون، ڏاڏو اطهر سومرو، سان گڏ رابطا مهم جي سلسلي ۾ گڏاپ جي سنڌو چوڪ، شاھ ٽائون، يوسف ڳوٺ، ، عبدالله ڳوٺ ۽ ٻين علائقن ۾ رابطا مهم جاري رکي ۽ ان موقعي تي جلسن ۽ ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو ته سنڌ وطن جي مالڪي لاءِ پيغام سنڌ مارچ جو سڏ کڻي ڪراچي جي هر باشعور ۽ محب وطن ماڻهو وٽ لنگهي ويا آهيون ته اچو سنڌ وطن جي وحدت خلاف سازشون ڪندڙن کي ڀرپور جواب ڏيو، هن وڌيڪ چيو ته ٿر ۾ برسات سبب 25 کان وڌيڪ ماڻهو ۽ سوين چوپايو مال مري ويو آهي، جڏهن ته ان کان سواءِ مسڪين ماڻهن جا گهر به ڊهي پٽ پئجي ويا آهن پر حڪومت نالي ڪا به شي نظر نٿي اچي جو ايمرجنسي جي بنياد تي برسات متاثرن جي واهر ڪري سگهي، هن ان سلسلي ۾ چيو ته حڪومت کي سموري ٿر کي آفت سٽيل قرار ڏئي ايمرجنسي جي بنياد تي برسات متاثرن جي واهر ڪئي وڃي، ان موقعي تي جساف اڳواڻ ياور مهيسر، آغا مبشر، ساجد راڄپر، ڪاشف شر، جي ايم سيال، ڪرم مري، ضمير حاجاڻو ۽ ٻيا موجود هئا.










