خساري سبب 45 يوٽيلٽي اسٽور بند، ملازم پريشان

خساري سبب 45 يوٽيلٽي اسٽور بند، ملازم پريشان

سکر (جئرام داس ) يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي انتظاميه سکر زون مان 45 کان مٿي يوٽيلٽي اسٽور آمدني گهٽ هئڻ جو جواز ڄاڻائي بند ڪري ڇڏيا آهن، بند ڪيل اسٽورن ۾ شڪارپور 13 ، لاڙڪاڻو 8 ، سکر 12 ، دادو 4 ، گهوٽڪي 3 ، رحيم يار خان 7 ۽ ٻيا شامل آهن۔ مليل ڄاڻ موجب بند ڪيل يوٽيلٽي اسٽورن تان 150 ملازم کي بدلي ڪري مختلف اسٽورن تي مقرر ڪيو ويو آهي، ملازمن جو چوڻ آهي ته بند ڪيل اسٽورن تي وڪري لاءِ سامان ئي محدود هو ته آمدني ڪٿان آڻين. اها هڪ سوچي سمجهي حڪمت عملي تحت اهڙو ڪم ڪيو ويو آهي جيتوڻيڪ بند ڪيل اسٽورن جي متبادل سٺي جاءِ تي اسٽور کولڻو آهي پر متبادل طور هڪ به يوٽيلٽي اسٽور ناهي کوليو ويو. ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي يوٽيلٽي ڪارپوريشن سکر زون جي زونل مئنيجر عمران ظفر گيلاني اسٽورن کي بند ڪرڻ متعلق لاعلمي جو اظهارڪيو. جڏهن ته آر ايم يوٽيلٽي ڪارپوريشن سکر ذالفقار راحت چيو ته اهڙا يوٽيلٽي اسٽور بند ڪيا ويا آهن جن جي آمدني بلڪل گهٽ هئي ٽرانسپورٽ سميت ٻيا خرچا به ڪارپوريشن مٿان هئا تنهن ڪري اختيارين جي حڪم تي اهي اسٽور بند ڪيا ويا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو