راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)لاهور جي ڪاليج ۾ شاگردياڻي سان مبينا ڏاڍائي واري واقعي خلاف راولپنڊي ۾ به شاگرد رستن تي نڪري آيا پوليس سان چڪرين دوران 150 شاگرد گرفتار، پوليس شاگردن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جي شيلنگ به ڪئي، گرفتارين باوجود شهر جي مختلف ڪاليجز جي ڪيمپس آڏو شاگردن جو وقفي وقفي سان احتجاج جاري پشاور روڊ ڪيمپس تي شاگردن گيٽ ۽ شيشا ٽوڙي ڇڏيا، مورگاهه ڪيمپس ٻاهران به شاگردن جو پٿراءُ ڪيو ويو احتجاج سبب ايوب پارڪ چوڪ مڪمل طور بلاڪ ٿي ويو، گذريل ڏينهن پنجاب جي سي ايم مريم نواز لاهور ڪاليج ۾ ڪنهن به شاگردياڻيءَ سان زيادتي جي ترديد ڪندي ان کي سياسي ڊرامو قرار ڏنو هو










