استادن ۾ اختلاف، شاگردن جو مستقبل تباهه، تدريسي عمل ٺَپ

استادن ۾ اختلاف، شاگردن جو مستقبل تباهه، تدريسي عمل ٺَپ

پکو(عبدالوحيد ميئو) قمبر ضلعي جو قديمي خيرپور جوسو ھائير اسڪول سياست جي ور چڙھي ويو آھي جنھن ڪري استاد ٻن گروپن ۾ ورھائجي ويا آھن جنھن سان معمولي ڳالھين سبب استادن ۾ اختلاف چوٽ چڙھي ويا آھن. اسڪول ۾ ٻاھرين ڌرين جي مداخلت سبب تدريسي عمل سخت متاثر ٿيڻ لڳو آھي استاد ڊيوٽين بجاءِ خانگي ماڻھن جي اوطاقن جا چڪر ڪاٽڻ لڳا آھن ڪافي عرصي کان ھلندڙ اسڪول جي استادن کي نبيرڻ لاءِ استاد تنظيم گسٽا به نبيري نه سگھي آھي. اختلافي ڌرين کي ڪيترا ئي ڀيرا ڳالھين تي آماده ڪرڻ باوجود استادن ۾ پيدا ٿيل اختلاف ختم نٿي سگھيا آھن. جڏھن ته تازو استادن جي ٻن گروپن ۾ اختلاف شدت اختيار ڪرڻ ۽ استاد طرفان آفيس ۾ گٿا لفظ استعمال ڪرڻ سان گڏ بدڪلامي جو تعليم کاتي جي ضلعي آفيسر ڊي اي او قمبر معامري جو نوٽيس وٺي انڪوائري ٽيم مقرر ڪري ڇڏي ھئي جنھن ڄاڻايل اسڪول ۾ پھچي اختلافي استادن جا بيان قلمبند ڪيا ۽ رپورٽ ضلعي آفيس ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آھي جنھن جي اڃا تائين رپورٽ سامھون نه اچي سگھي آھي.

ان حوالي سان اسڪول جي پرنسپال سڪندر علي ھڪڙو ٻڌايو ته منھنجي پوري ڪوشش آھي ته اسڪول جي تعليم کي بھتر نموني ھلايان پر ڪجھ استاد انتظامن ۾ مداخلت ڪري اسڪول جو ماحول بگاڙي رھيا آھن جنھن کي اخلاقي طور شوڪاز جاري ڪيو ويو آهي پر معامرو ڳنڀير ٿيڻ ڪري آگاھي ضلعي آفيسر کي ڏني جنھن انڪوائري ٽيم مقرر ڪري استادن جي اختلافن جو جائزو وٺي رھي آھي انشاءَ الله جيڪو فيصلو ايندو اداري ۽ تعليم جي بھتري ۾ ايندو. منھنجون خدمتون صرف تعليم ۽ ٻارڙن جي روشن مستقبل لاءِ آھن جنھن ۾ مداخلت برداشت نه ڪندس ۽ اختلافي استادن کي به عرض آھي ته اھي ماحول کي بگاڙڻ بجاءِ تعليم جي بھتري ۽ پنھنجي فرضن تي پوري لھڻ تي توجھ ڏين ته جيئن ھي ادارو تباھ نه ٿئي ۽ تعليم جي وڃايل ساک بحال ٿئي. ھوڏانھن خيرپور جوسو اسڪول جي تعليم جي تباھي تي علائقي جي سياسي سماجي ڌرين جي اڳواڻن ۽ والدين ڳڻتي جو اظھار ۽ سخت ردعمل ڪندي چيو آھي ته قديمي اسڪول جي تعليم جي تباھي جا ذميوار استاد ئي آھن جن پاڻ ۾ اختلاف رکي ٻارڙن جو مستقبل اونداھو ڪيو آھي. اسڪول جي پڙھائي جي ساک سڄي سنڌ ۾ مشھور ھئي پر ڪجھ تعليم دشمن عنصرن جي اچڻ سان اسڪول پنھنجي ساک وڃائي چڪو آھي. جيڪڏھن استادن خلاف نوٽيس وٺي معاملو حل نه ڪيو ويو ته اسان ٻارڙن کي اسڪول نه موڪلينداسين. ٻئي طرف سماجي ڌرين تعليم کاتي جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آھي ته قديمي اسڪول خيرپور جوسو جي تعليم جي تباھي جو نوٽيس وٺي ملوث ڌرين خلاف قانوني قدم کنيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو