مانجهند (مهراڻ عمراڻي) ٻيلي کاتي طرفان ٻيلي جي زمينن تي قبضن خلاف آپريشن مهم تيز، انڙپور ٻيلي ۾ پوکيل فصل تي ٽريڪٽر هلائي ڀيلايو ويو. کاتي جي سرڪل ڪنزرويٽر ظفر علي وساڻ، ڊي ايف او ذيشان ڀنڀرو، رينجر مير حسن شاهه، فاريسٽر عبدالقادر، ڊي ايس پي خاڻوٺ علي شير خاصخيلي، ٻڍاپور خاڻوٺ ۽ ڪول مائينز پوليس جي وڏي انگ ۾ نفري ۽ فاريسٽ گارڊن آپريشن ۾ حصو وٺي چڙھائي ڪري بااثرن جي قبضي ۾ آيل 2000 هزار کان وڌيڪ ايڪڙ زمين تي ٽريڪٽر ھلائي پوکيل بصر، مرچ، جوئر، وونئڻن کي ڀيلائڻ جي دعويٰ ڪئي. پوليس ۽ عملي جي چڙھائي سبب قبضي خور مشينون پائيپ لائين سميت ڪيتروئي سامان ڇڏي ڀڄي ويا جن کي تحويل ۾ ورتو ويو. ان سلسلي ۾ مانجهند ايٽ خاڻوٺ تعلقي جي فاريسٽ رينجر خاڻوٺ مير حسن شاهه ميڊيا کي تفصيل ڏيندي ٻڌايو ته 2 هزار کان وڌيڪ ايڪڙ ٻيلي کاتي جي زمين تي بااثرن طرفان پوکيل مختلف تيار ٿيل فصل کي ڀيلائي ڇڏيو آھي 5 ٽيوب ويلن کي پڻ لٽايو ويو آھي جڏهن ته 10 موٽر پڻ تحويل ۾ ورتا آھن. هن وڌيڪ چيو ته فطرتي سونهن وڻن جا چيچڪا ڇٽي ٻيلي کي ٻيهر بحال ڪيو ويندو.










