اڳوڻو ايم پي اي احسن رياض فتيانه اغوا، ڪيس داخل

اڳوڻو ايم پي اي احسن رياض فتيانه اغوا، ڪيس داخل

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي جو اڳوڻو ميمبر احسن رياض فتيانه اغوا ٿي ويو.ايف آءِ آر موجب ڊفينس سي ۾ احسن رياض فتيانه جي گهر ۾ 25 نامعلوم ماڻهو داخل ٿي کيس اغوا ڪري ويا.ايف آءِ آر موجب احسن رياض فتيانه جي اغوا جو ڪيس سندس ماءُ اشفا رياض جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ اغوا جي دفعات شامل ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف لاهور هاءِ ڪورٽ احسن رياض ڪيس ۾ سي سي پي او لاهور کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.احسن رياض فتيانه تحريڪ انصاف جي ميمبر قومي اسيمبلي رياض فتيانه جو پٽ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو