اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف فلسطين مسئلي تي ٿيندڙ حڪومتي اي پي سي ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر ٻڌايو ته اسان کي فلسطين جي مسئلي تي اي پي سي ۾ شرڪت جي دعوت ملي وئي آهي. هن چيو ته موجوده حالتن ۾ پارٽي اڳواڻ ۽ ڪارڪن گرفتار آهن ۽ اهڙين حالتن ۾ اي پي سي ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.










