پشاور: (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور تشدد ۽ شيلنگ جي باجود ڊي چوڪ اسلام آباد پهتو، منزل پي ٽي آءِ باني عمران خان جي آزادي آهي.ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ پي ٽي آءِ ميمبرن، اسيمبلي، پارٽي عهديدارن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي.ذريعن موجب اسيمبلي ميمبرن ڪامياب احتجاج تي علي امين گنڊاپور کي روايتي پڳڙي پارائي، علي امين خطاب ۾ سڀني جو ٿورو ادا ڪيو ۽ احتجاج ۾ پاڻ تي گذرندڙ واقعن کان آگاهه ڪيو. ذريعن موجب اجلاس ۾ علي امين گنڊاپور چيو ته اسان جي پرامن تحريڪ اڳيان به جاري رهندي پي ٽي آءِ باني جيڪو فيصلو ڪيو هو انهي تي مڪمل عمل ڪيو، پنهنجو حدف حاصل ڪيو، جبر، تشدد ۽ شيلنگ جي باوجود ڊي چوڪ اسلام آباد پهتاسين.ڪي پي ڪي جي وڏي وزير چيو ته وفاق اسان تي ظلم ڪيو، منهنجي مٿان ڪي پي هائوس تي حملو ڪيو ويو، پي ٽي آءِ باني جي آزادي اسان جي منزل آهي، گرفتار پارٽي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ ليگل ٽيم ٺاهي آهي.










