خان، گنڊاپور، عظمي ۽ عليمه خان 4 ڪيسن ۾ نامزد

خان، گنڊاپور، عظمي ۽ عليمه خان 4 ڪيسن ۾ نامزد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين عمران خان، ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور، عليمه خان ۽ عظميٰ خان کي دهشتگردي جي 4 ڪيسن ۾ نامزد ڪيو ويو آهي.صوبائي راڄڌاني لاهور ۾ قلم 144 جي ڀڃڪڙي تي عمران خان، عليمه خان، عظميٰ خان ۽ علي امين گنڊاپو کي قلم 109 ۾ نامزد ڪيو ويو آهي. پي ٽي آءِ باني ۽ ان جي ڀينرن سميت تحريڪ انصاف جي اڳواڻن خلاف 9 مئي جيان ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. ڪيس جي متن ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان کي جيل ۾ مليل سهولتن ۽ ملاقاتن جي اجازت رياست مخالف تشدد جو سبب قرار ڏنو ويو آهي، پوليس رڪارڊ ۾ احتجاج تي داخل ٿيل 20 ڪيسن کي هاءِ پروفائيل قرار ڏنو ويو آهي.دهشتگردي جي قلمن تحت داخل ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن شيخ امتياز، حماد اظهر، سلمان اڪرم راجه، علي امتياز وڙائچ، رانا شهباز احمد ۽ شبير گجر کي به نامزد ڪيو ويو آهي.پوليس رڪارڊ موجب 3 کان 6 آڪٽوبر پي ٽي آءِ قيادت ۽ ڪارڪنن جي خلاف 23 ڪيس داخل ٿيا، ڪيسن ۾ پوليس مقابلن، سرڪاري ڪمن ۾ مداخلت ۽ ڦر جا قلم به شامل ڪيا ويا آهن. 6 آڪٽوبر تي دهشتگردي جي قلمن تحت داخل ڪيسن ۾ 129 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.ٻئي طرف پي ٽي آءِ جي اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي احتجاج جي سلسلي ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي خلاف هڪ ٻيو ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي.سرڪار جي مدعيت ۾ نون ٿاڻي ۾ ڪيس نمبر 26 جي هنڌ تي ڀڃ ڊاهه، گهيراءُ، باهيون لکيو ويو آهي. جنهن ۾ دهشتگردي سميت 10 سنگين قلم شامل ڪيا ويا آهن. ڪيس ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ باني جيل مينوئل کان هٽي ڪري غير ضروري ملاقاتون ۽ رابطن جي سهولت سبب ڪارڪنن کي رياست خلاف ڀڙڪائيندو آهي. ڪيس ۾ عامر مغل سميت 3 هزار نامعلوم ڪارڪنن کي به شامل ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته مظاهرين سرڪاري گاڏين تي حملو ڪري انهن کي باهيون ڏنيون ۽ ڀڃ ڊاهه پڻ ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو