اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان جي پرڏيهي کاتي پاران ڪراچي ۾ چيني شهرين تي حملي جي مذمت، دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ چين سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهريٰ بلوچ دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي چيو ته حملي ۾ 2 چيني انجنيئرز مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو، ترجمان چيو ته دهشتگرديءَ جي اها ڪارروائي پاڪ چين دوستي تي به حملو آهي ممتاز زهريٰ بلوچ چيو ته اسان ان بزدلاڻي عمل جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽڙي ۾ بيهارڻ جو عزم ڪيون ٿا، پاڪستان دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ پنهنجن چيني ڀائرن سان گڏجي ڪم ڪندو رهندو هن چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڏوهارين ۽ سندن سهولتڪارن کي منطقي انجام تائين پهچائيندا، اسان چيني ۽ پاڪستان جي متاثرين جي خاندانن سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيون ٿا










