اسلام آباد)بيورو رپورٽ) هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي وڪري ۾ سالياني بنياد تي 3 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.او سي اي سي ۽ انڊسٽري جي انگن اکرن موجب، مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ پيٽروليم شين جي وڪرو 3.68 ملين ٽن رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا گذريل مالي سال جي پهرين ٽه ماهي جي 3.81 ملين ٽن جي ڀيٽ ۾ 3 سيڪڙو گهٽ آهي.سيپٽمبر 2024 ۾ ملڪ ۾ 1.27 ملين ٽن پيٽروليم شين جو وڪرو رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو گذريل سال سيپٽمبر جي ڀيٽ ۾ 5 سيڪڙو وڌيڪ آهي. گذريل سال سيپٽمبر ۾ ملڪ ۾ 1.22 ملين ٽن پيٽروليم شين جي وڪرو رڪارڊ ڪئي وئي.انگن اکرن موجب مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ 1.85 ملين ٽن پيٽرول، 1.42 ملين ٽن هاءِ اسپيڊ ڊيزل ۽ 0.21 ملين ٽن فرنس آئل وڪرو ڪيو ويو.گذريل مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ ملڪ ۾ 1.85 ملين ٽن پيٽرول، 1.44 ملين ٽن هاءِ اسپيڊ ڊيزل ۽ 0.35 ملين ٽن فرنس آئل جو وڪرو رڪارڊ ڪيو ويو.










